سنڌ جي وزيراعليٰ مراد علي شاهه چائنا طرفان آيل ڪٽس ۽ ماسڪ وصول ڪيا جيڪي ٻين صوبن ۾ به برابري سان ورهايا ويندا
سنڌ سي ايم هائوس جي سوشل ميڊيا طرفان جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ويو
ٻئي طرف سنڌ حڪومت جو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ٽوئيٽ ڪئي جنهن ۾ هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت 200،000 ماسڪ پاڻ وٽ ۽ ٻيا ٻين صوبن ۾ موڪليو ويندا
CM Sindh has decided that out of the 500,000 KN95 masks received from China earlier today, #Sindh will keep 200,000 masks and the remaining will be distributed amongst Punjab, KP, Baluchistan, AJK & GB Governments. Yes together we can
— Murtaza Wahab Siddiqui (@murtazawahab1) March 25, 2020
سنڌ جي وزيراعليٰ چيو ته هن چڪاس کي بهتر ڪرڻ لاءِ وڌيڪ سامان گهرائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي جنهن ۾ 290 وينٽيليٽر گهرايا ويندا
پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته سنڌ حڪومت ڪٽس ۾ 100 کان 1،200 تائين وڌيڪ ڪندي ايندڙ وقت ۾ 4 هزار تائين ڪٽس آئينديو وينديون
“سندھ حکومت نے کورونا وائرس کی ٹیسٹنگ کیلئے روزانہ 100 کٹس کی گنجائش کو بڑھا کر 1,200 تک پہنچا دیا ہے جو آئندہ دنوں میں مزید 4,000 کٹس تک بڑھ جائی گی۔”
— PPP (@MediaCellPPP) March 25, 2020
چیئرمین پاکستان پیپلز پارٹی @BBhuttoZardari
(4/6) pic.twitter.com/viGcHpCmDp
پاڪستان وٽ بهتر صحت جون سهولتون موجود ناهن جيڪڏهن وائرس وڌيڪ ملڪ ۾ پکڙجي وئي ته پوءِ ان کي ڪيئن منهن ڏيندا
هن وقت تائين پاڪستان 1059، سنڌ 413، پنجاب 312، بلوچستان 119، ڪي پي 117، گلگيت بلتستان 81، اسلام آباد 16، ۽ جموڪشمير 01 ڪرونا وائرس جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن
Read More: پاڪستان ۾ 804 ڪورانا وائرس ڪيس ۽ سنڌ حڪومت صوبي ۾ لاڪ ڊائون لاڳو ڪري ڇڏيو
دنيا ۾ ڪورنا وائرس جا ڪيس 400،000
دنيا ۾ 400،000 ڪيس رپورٽ ٿيا جن ۾ چائنا، اٽلي، اسپين، ۽ آمريڪا جا ڪيس گهڻا رپورٽ پيا ٿين
آمريڪا جو وڏو شهر نيويارڪ ۾ لاڪ ڊائون لاڳو ٿيو آهي جڏهن ته برطانيا جو شهزادو چارلس کي به ڪرونا وائرس هجڻ جون خبرون اچي رهيو آهن
عمران خان ۽ مخالف ڌر
عمران خان قومي اسيمبلي ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي چيو ته صوبن کي لاڪ ڊائون هٽائڻ گهرجي ۽ ٻين آپشن کي اڳيان آڻي ڪرونا وائرس خلاف ويڙهڻ گهرجي جيتوڻيڪ وزيراعظم پاڻ کان به تجويز پيش نه ڪئي ۽ ڪانفرنس مان جلدي سان اُٿي هليو ويو
اهڙي وريي تي مخالف ڌر جا اڳواڻ شهباز شهريف ۽ بلاول ڀٽو چيو ۽ سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو ته جڏهن ملڪ مشڪل وقت مان گذري رهيو آهي اتي وزيراعظم کي مخالف ڌر جو موقف ٻڌڻ گهربو هو پر هو اُٿي ويو، احتجاجن بلاول ڀٽو ۽ شهباز شريف به ڪانفرنس ۾ نه واڪ آئوٽ ڪري ويا
Support The Rise News click here to donate











