سجاول زيادتي ڪيس اصل حقيقت ڪهڙي؟

سجاول ڀرسان ڳوٺ موسي لوٺيو جي رھواسي آپڪا اڳواڻ سومار لونٺيو جي گھرواري 5 ٻارڙن جي ماءُ کي جوابدارن پاران زيادتي جو نشانو بنائڻ واري واقعي جو 4 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بعد سجاول پوليس 2 جوابدارن اسلم ۽ امين لونٺيو کي گرفتار ڪري ورتو جڏھن ته باقي 2 جوابدار اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگھيا آھن ۽ ناري جي طبي رپورٽ پڻ اڃا تائين جاري نه ڪئي وئي آھي جنھن خلاف آپڪا جي ڪارڪنن بچل لغاري جي اڳواڻي ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيس ۾ ڪم ڇڏ ھڙتال احتجاجي مظاھرو ڪيو اڳواڻن عمر ميمڻ، بچل لغاري، عزيز ٻاگھل، صديق ھٿيار ۽ ٻين چيو ته آپڪا اڳواڻ جي گھر واري سان زيادتي ڪندڙ سمورن جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري سخت سزا ڏياري وڃي ۽ اسپتال انتظاميا جلد ناري جي ميڊيڪل رپورٽ جاري ڪري

https://twitter.com/Therisenews_/status/1206882987427676160

ٻي طرف ناري جي مڙس سومار لونٺيو دانھيندي چيو آھي ته زيادتي ڪندڙ جوابدارن ۽ سندن رشتيدارن اسانجي گھر ٻاھران کڏا ھڻي رستا بند ڪري ڇڏيا آھن ۽ ھو ڪيس تان ھٿ کڻائڻ لاء ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن ھنن اختيارين کان گھر ڪئي ته کين تحفظ ڏياريو وڃي

Support The Rise News click here to donate

Related Articles

This Headline Grabs Visitors’ Attention

A short description introducing your business and the services to visitors.