ڪراچي شهر ۾ رهندڙ عيسائي نينگري کي اغواه ۽ مذهب تبديل ڪيو ويو آهي نينگري جي عمر ننڍڙي ٻڌائي وڃي ٿي
دي رائيز نيوز ناري جي گهرڀاتين سان رابطو ڪرڻ تي ناري جي ماءُ جو چوڻ هو ته هن کي ٻه ڌيئريون جيڪي معصوم ۽ ننڍي عمر جو آهن. اڄ هن جي ڌيءَ کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ هو پر ان کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو
جڏهن ته هن ڪيس تي قومي اسيمبلي ۽ مسلم ليگ ن جو ميمبر کيل داس ڪوهستاني سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي، واقعي جي مذمت ۽ بلاول ڀٽو کي گذارش ڪئي ته هو ڪيس تي نوٽس وٺي
I Strongly Condemn The Pessimistic Kidnapping and Forced Conversion Of The Innocent Huma by @CareemPAK Taxi Driver In Karachi,Sindh.I Request @BBhuttoZardari,CM Sindh and IG Sindh to Take Immediate Notice and Give Exemplary Punishment to The Culprit and Justice be Served. pic.twitter.com/rckKCpQKjl
— Kheeal Das Kohistani MNA (@KesooMalKheealD) November 29, 2019
دي رائيز نيوز سان ڳالهائيندي کيل داس ڪوهستاني چيو ته سنڌ حڪومت ننڍي عمر جي ٻارن جي شادي خلاف بل پاس ڪرايو هو ان تحت ناري کي واپس ڪري سگهجي ٿو اسان اُميد ڪيون ٿا ته بل تي عمل ڪيو ويندو

Photo Credit: Girl’s mother
سنڌ حڪومت طرفان ننڍي ڄمار ۾ ٻارن جي شادي خلاف بل پاس ڪيو ويو هو سنڌ حڪومت ان بل تحت غير مسلم نارين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام نظر اچي ٿي هن وقت تائين ڪيتريون ئي ننڍي ڄمار جون غير مسلم ناريون جو مذهب تبديل ٿي چڪو آهي

Photo Credit: Girl’s mother
دي رائيز نيوز عيسائي ناري جي حوالي سان عمر ۽ ويجهڙائي ۾ تبديل ٿيندڙ نالي جا ڪاغذات حاصل ڪيا آهن جنهن ۾ واضح طورتي ناري جي ڄمار جي حوالي تاريخ لکيل آهي ۽ ٻئي ڪاغذ ۾ هن جو نئون نالو شناختي ڪارڊ ۾ ظاهر ٿئي ٿو
دي رائيز نيوز هن ڪيس جي حوالي سان سنڌ حڪومت جي ميمبرن مرتضيٰ وهاب ۽ هري رام سان رابطو ڪري موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪو به جواب نه مليو
Support The Rise News click here to donate











